واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ (WSIP) هڪ تعارف

تعارف:

سنڌ واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ فيز ون ٽنهي ايريا وٽر بورڊن نارا ڪينال، گهوٽڪي فيڊر ڪينال ۽ ليفٽ بئنڪ ڪينالس ايريا واٽر بورڊ جي حدن ۾ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪل لاڳت 175 ملين ڊالر آهي، جنهن ۾ عالمي بئنڪ جو حصو 150.2 ملين ڊالر آهي، جڏهن ته 24.8 ملين ڊالر سنڌ حڪومت جو حصو آهي.

 پراجيڪٽ جا حصا:

حصو الف؛

 ڪميونٽي ڊولپمينٽ، سيڊا، ايريا واٽر بورڊن ۽ ايف اوز جي سگهه وڌائڻ لاءِ 10 ملين يو ايس ڊالر

حصو (ب)؛

آبپاشي ۽ ڊرينيج جي نظام جي بحالي ۽ بهتري، 172 شاخن، مائنرن، 26 برانچ ڪينالن ۽ ٽنهي ايريا واٽر بورڊن جي 7 مين ڪينالن لاءِ 139 ميلن يو ايس ڊالر

حصو (ت)

 آبپاشي ۽ نيڪال جي اهم نظام جي سنڀال ۽ بهتري ۽ ٽنهي بيراجن جي اڀياس ۽ سنڌو دريا جي کاٻي پاسي  جي ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال لاءِ منصوبي جي تياري لاءِ 12.0 ميلن يو ايس ڊالرز

حصو(پ)

 پراجيڪٽ جي اثرن جي نگراني ۽ تشخيص ۽  فني مدد ۽ سکيا ڏيڻ لاءِ 9 ملين يو ايس ڊالرس

مقصد:

پراجيڪٽ جو مکيه مقصد ٽنهي ايريا واٽر بورڊن (گهوٽڪي، نارا ۽ ليفٽ بئنڪ) ۾ آبپاشي جي ورڇ کي بهتر ۽ اثرائتي خاص طور تي اعتماد جوڳي ۽ پاڻي استعمال ڪندڙ جي ڀروسي جوڳي ٻانائڻ آهي، اهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي هلندڙ آبپاشي سڌارن کي گهرو ۽ وسيع ڪيو ويندو. آبپاشي جي نظام کي هڪ منظم نموني سان ، مين، برانچ ڪينالس، شاخن ۽ مائنرن جي اهم هائيڊرالڪ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻايو ويندو. آبپاشي سڌارن تحٽ آبپاشي نظام جي بقا کي ڊگهي مدي تائين وڌائڻ ۽ ترقي پزير ادارن جي آپريشن کي بهتر بڻائڻ وڌائڻ قيمت جي وصولي لاءِ

پراجيڪٽ جا نتيجا؛

  •  پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري ۽ زير زمين پاڻي جي سطح ۾ ڪمي ايندي
  •  اسٽيڪ هولڊرن جي شراڪت سان برابري جي بنياد تي پاڻي جي ورڇ ۽ پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري ايندي
  • انفرا اسٽرڪچر جي بحالي جي نتيجي ۾ پائيدار مالياتي بهتري ۽ استعمال ڪندڙ کان قيمت جي وصولي ۾ اضافو ٿيندو.
  • پراجيڪٽ جي علائقي ۾ زرعي پيداوار ۽ آمدني  ۾ اضافو اندازن 4.0 ملين آبادگار فائدو حاصل ڪري سگهندا.
  • پاڻي جو بهتر ٿيل انتظام زرعي پيداوار ۾ اضافي جي قيادت ڪندو، روزگار ۽ مجموعي طور سموري علائقي جي آمدن ۾ 1.837 ملين هيڪٽر يا سنڌ ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ٿيندي.
  • اڻ سڌي طرح وڌيڪ فائدن ۾ نيڪال جي ضرورت گهٽ پوندي، سيم ۽ ٿور کان مٽي جو بچاءُ ٿيندو، پاڻي جي گندن تلائن ۾ ڪمي، مڇرن جي پيدا ٿيڻ ۽ بيمارين ۾ ڪمي، روڊن ۽ عمارتن کي سم کان بچائي سگهبو..

حصو الف؛

 ڪميونٽي ڊولپمينٽ، سيڊا، ايريا واٽر بورڊن ۽ ايف اوز جي سگهه وڌائڻ ؛

سيڊا ۽ ايريا واٽر بورڊن ۾ ميرٽ تحت مقرريون