ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ ونگ

سيڊا جي تحقيق ۽ ترقي ونگ جو سربراهه جنرل مئنيجر تحقيق ۽ ترقي آهي. هيءَ ونگ ماحول، رسرچ، پاليسي ۽ پلاننگ اسٽڊيز ۽ آبپاشيءَ جي پاڻيءَ جي انتظام، سم ڪلر جي ڪنٽرول، سمنڊ جي کاڌ کان بچاءَ، ڏڪار دوران پاڻيءَ جي ورڇ وغيره سان لاڳاپيل رسرچ پروگرامن کي ڏسي ٿي، جنهن کي انوائرمينٽ اسپيشلسٽ جي مدد حاصل آهي. تازوئي، ماحول جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماحول جو انتظامي يونٽ (اِي ايم يُو) قائم ڪيو ويو آهي. وسپ پروجيڪٽ هيٺ، ماحول جي انتظامي يونٽ کي مضبوط ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڻيءَ جي وسيلن جي انتظام وارن نظامن کي هلائڻ ۽ انهن جي ترقيءَ ۽ رٿابنديءَ جي سلسلي ۾ سيڊا جي صلاحيتن ۾ واڌارو آڻي سگهجي، اهڙيءَ ريت، ماحول ۽ سماجي مسئلن کي درست نموني ڌيان آڻي سگهجي ۽ ڀاڳي ڀائيوارن کي شريڪ ڪري سگهجي. ان طريقي، وڏي مدي لاءِ، پاڻيءَ جي سرشتن کي جٽادار بنائجي ۽ وڌيڪ وڏا فائدا ماڻي سگهجن.