سماجي ترقيءَ وارو شعبو

سماجي ترقيءَ وارو شعبو  يا سوشل ڊولپمينٽ سيل، ٽرانزيشن ونگ، سنڌ اريگيشن ائنڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو حصو آهي. هيءُ سيل سوشل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ، پنهنجي سوشل ڊولپمينٽ ٽيم وسيلي هلائي ٿو/ٿي. سيل جي خاص ذميواري آبادگارن، مردن توڻي عورتن، سان گڏجي آبپاشي سڌارن کي سگهه بخشڻ آهي. هيءُ سيل مختلف شاخن تي آبادگارن جون تنظيمون ٺاهي ٿو ۽ انهن کي تربيتون ڏيئي شاخن جي سطح تي آبپاشي نظام بهتر نموني هلائڻ جي لائق بنائي ٿو. ان سان گڏ، آبادگارن جي تنظيمي هڪجهڙائي ۽ انهن ۾ ضابطي آڻڻ تي ڌيان ڏئي ٿو.

هيءُ سيل آبپاشي سڌارن ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بنائي ٿو ته جيئن پاڻي انتظام ۾ عورتن جي ڪردار کي اُتساهي سگهجي. هن وقت، هيءُ سيل سوشل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ جي نگرانيءَ ۾، سوشل ڊولپمينٽ ٽيم وسيلي، سنڌ واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پروجيڪٽ (وسپ)جي حوالي ڪيل ذميوارين کي نڀائي رهيو آهي. اها ٽيم ٽنهي ايريا واٽر بورڊن، نارا ڪئنال، گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ۽ ليفٽ بئنڪ ڪئنالس جي ڪمانڊ ايريا ۾ موجود  مختلف فيلڊ اسٽيشنز تي ڪم ڪري رهي آهي. سوشل ڊولپمينٽ سيل، ٽرانزيشن ونگ، سنڌ اريگيشن ائنڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جي ذميوارين ۾ اريگيشن ۽ ڊرينيج نظام ۾ لاڳو ڪيل آبپاشي سڌارن ۾ آبادگارن جي شرڪت کي هٿي ڏيڻ، ٽيڪنيڪل ۽ آپريشنل رخن ۾ قانون ۽ ٻين ماهرن ۽ عملدارن سان لهه وچڙ ۾ رهڻ، اريگيشن ۽ ڊرينيج نظام ۾ متعارف ڪرايل آبپاشي سڌارن ۾  عورتن جي شرڪت لاءِ سهولتون ڏيڻ وغيره آهن. جڏهن ته ، سنڌ واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پروجيڪٽ (وسپ) هيٺ  هيءُ سيل ايريا واٽر بورڊن ۽ آبادگار تنظيمن جي اوسر ۽ ترقي، سماجي ترقي، سماجي تحرڪ، آبادگار تنظيمن جي تربيت ۽ انتظامي تربيتن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.