سيڊا سوالن ۽ جوابن جي روشنيءَ ۾ FAQ

سنڌ اريگيشن ۽ ڊرينيج اٿارٽي  - سيڊا

(سوالن ۽ جوابن جي روشنيءَ ۾)

سنڌ اريگيشن ۽ ڊرينيج اٿارٽي (سيدا ) ڇا آهي؟                     

سنڌ اريگيشن ۽ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) سنڌ جي آبپاشي ۽ سم جي پاڻيءَ جي نيڪال واري شعبي ۾ عبوري مرحلي دوران هڪ سرواڻ ادارو آهي. سيڊا هڪ خودمختيار ادارو آهي.

سيڊا ڪيئن ۽ ڪڏهن وجود ۾ آئي؟

سنڌ ايريگشن ۽ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) سنڌ اسيمبليءَ پاران پاس ڪيل سيڊا ايڪٽ 1997 ع تحت وجود ۾ آئي.

سيڊا ڪهڙي قانون هيٺ ڪم ڪري رهي آهي؟

 سيڊا سنڌ حڪومت پاران آڪٽوبر 2002ع ۾ جاري ڪيل سنڌ واٽر مئنيجمنٽ آرڊيننس 2002ع  يعني پاڻيءَ واري قانون هيٺ ڪم ڪري رهي آهي.

سيڊا جو هيڊ ڪوارٽر ڪٿي آهي؟

سيڊا جو هيڊ ڪوارٽر، سيڊا سيڪريٽريٽ، ليفٽ بئنڪ بئراج،  حيدرآباد ۾ آهي.

سيڊا جو انتظامي سربراهه ڪير آهي؟

سيڊا جو انتظامي سربراهه مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. قانون مطابق هڪ بورڊ آف مينيجمنٽ پڻ ٺهيل آهي، جنهن ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ 4 جنرل مئنيجرز آهن.

سنڌ ۾ آبپاشي سڌارن جا مقصد ڪهڙا آهن؟

سنڌ ۾ آبپاشي سڌارن جا مقصد آبادگارن تائين ڀروسي جوڳي طريقي سان پاڻيءَ جي فراهمي کي بحال ڪرڻ ،آبپاشي ۽ کاري پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي جو انتظام هلائڻ ۽ ان ۾ آبادگارن جي شرڪت کي وڌائڻ، حڪومت جا خرچ گهٽائڻ، زرعي اپت ۾ واڌاري آڻڻ کي  يقيني بنائڻ آهن.

سيڊا جا ڪم ۽ ذميواريون ڪهڙيون آهن؟

سيڊا جا ڪم ۽ ذميواريون بئراجن ۽ واهن جو انتظام هلائڻ ۽ انهن جي سارسنڀال ڪرڻ، کاري پاڻيءَ جي مک سم نالين ۽ ايريا واٽر بورڊن جي شاخن سميت کاري پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي جي حصن جو انتظام هلائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال ڪرڻ، سنڌ صوبي ۾ درياهي ٻوڏ کان بچاءَ جو بندوبست ڪرڻ ۽ بندن وغيره جي سارسنڀال ڪرڻ. جڏهن ته هن وقت سيڊا ٽن ايريا واٽر بورڊن تي مشتمل آهي.

سيڊا جا ٻيا خاص ڪم ڪهڙا آهن؟

سيڊا جا ٻيا خاص ڪم سوڪهڙي وقت پاڻيءَ جي مناسب ورهاست، ڍنڍن ڍورن جي منڍ ۽ پڇڙيءَ واري پاڻيءَ جي انتظام بابت رٿائن ۽ مقصدن جي جوڙجڪ ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پاليسييون جوڙڻ ۽تجويزون تيارڪرڻ آهن.

سيڊا جي  انڊس رورسٽم اٿارٽيءَ (ارسا) سان ڪهڙي واسطيداري آهي؟

سيڊا هن وقت آبپاشي کاتي، حڪومت سنڌ معرفت انڊس رورسٽم اٿارٽي (ارسا) کان، طئي ڪيل ڳالهين جي روشنيءَ ۾ صوبي اندر بئراجن جي آبپاشيءَ جي پاڻيءَ ۽ بين الصوبائي واهن مان پاڻي وصول ڪري ٿي ۽ مختلف ايريا واٽر بورڊن يا آبادگارتنظيمن، مقامي ڪائونسلن، صنعتن ۽ ڍنڍن ڍورن کي طئي ڪيل مقدار۾ پاڻي مهيا ڪري ٿي.

ڇا سيڊا آبيانو ۽ ڊرينيج سيس لاڳو ڪري ٿي ۽ انهن جي اوڳاڙي ڪري ٿي؟

سيڊا قانون هيٺ آبپاشي ۽ ڊرينيج جون سهولتون فراهم ڪرڻ عيوض آبيانو ۽ ڊرينيج سيس لاڳو ڪري ٿي ۽ انهن جي اوڳاڙي ڪري ٿي، ان قسم جي في دير سان ادا ڪرڻ تي ڏنڊ وجهي ٿي يا سيس ۽ سرچارج لاڳو ڪري ٿي. ايريا واٽر بورڊ ۽ آبادگار تنظيمن جي حدن کان ٻاهرين علائقن ۾ پڻ اگهه ۽ سيس مقرر ڪري ٿي.

سيڊا جي انتظامي جوڙجڪ ڪهڙي آهي؟

سيڊا جي نگراني هڪ بورڊ ڪري ٿو، جنهن ۾ آبادگارن جا نمائندا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. آبادگارن کان سواءِ بورڊ ۾ محتلف کاتن جهڙوڪ. زراعت، سماجي ترقي، ماليات، ڳوٺاڻي سماجيات، آبپاشي ۽ سم جي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي جا ساک رکندڙ ماهر پڻ شامل آهن.

مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيڊا جي سهڪاري سٿ ۾ ڪير ڪير شامل آهي؟

مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيڊاکي هيٺ ڄاڻايل چئن جنرل مئنيجرن جو سهڪار مليل آهي. (1) جنرل مئنيجر آپريشن (2) جنرل مئنيجر فنانس (3) جنرل مئنيجر ٽرانزيشن (4) جنرل مئنيجر ريسرچ ائنڊ ڊيولپمينٽ.

قدرتي آفتن مهل سيڊا جو ڪردار ڪهڙو هوندو آهي؟

قدرتي آفتن جهڙوڪ گهارن، ٻوڏن يا خطرناڪ موسمي حالتن، جيئن طوفان وغيره مهل،سيڊا جو ادارو سهڪاري ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ اهڙي ڪنهن به امڪاني صورتحال جي اڳواٽ تدارڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾هر ممڪن اپاءَ وٺي ٿو.

قدرتي آفتن مهل مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو ڪردار ڪهڙو هوندو آهي؟

مئنيجنگ ڊائريڪٽر فيصلو ڪندو آهي ته واقعي آفت جهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ سهڪاري ڪردار ادا ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ اهڙي ءَ طرح هو ان فيصلي کان ايريا واٽربورڊن کي فوري طور آگاهه ڏيندو آهي.

قدرتي آفتن مهل مئنيجنگ ڊائريڪٽر جا خاص اختيار ڪهڙا هوندا؟

مئنيجينگ ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊن کان هر قسم جي امداد جي تقاضا ڪري سگهي ٿو، يا انهن کي هدايتون جاري ڪري سگهي ٿو ته جيئن ايندڙ امڪاني آفتن جي خراب ۽ هاڃيڪار اثرن جو مقابلو ڪري سگهجي. ايريا واٽر بورڊ سواءِ ڪنهن دير جي سيڊا پاران گهربل هر مدد فراهم ڪندو ۽ ان پاران مليل هدايتن تي عمل ڪندو .

 

 

ايريا واٽر بورڊ

(سوالن ۽ جوابن جي روشنيءَ ۾)

ايريا واٽر بورڊ ڇا آهي؟

ايريا واٽر بورڊ سنڌ جي آبپاشي ۽ سم جي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي ۾ آندل سڌارن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ادارو آهي. ايريا واٽر بورڊ هڪ خودمختيار ادارو آهي.

 ايريا واٽر بورڊ  جو انتظام ڪيئن هلايو وڃي ٿو؟

ايريا واٽر بورڊ جو انتظام سنڌ واٽر مئنيجمينٽ آرڊيننس 2002ع تحت ۽ سندس جوڙيل قاعدن پٽاندر هلايو وڃي ٿو.

پهريون ايريا واٽر بورڊ ڪڏهن ۽ ڪٿي قائم ڪيو ويو؟

پهريون ايريا واٽر بورڊ ميرپورخاص ۾ 1999ع ۾ نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي نالي سان قائم ڪيو ويو.

ٻيو ايريا واٽر بورڊ ڪڏهن ۽ ڪٿي قائم ڪيو ويو؟

ٻيو ايريا واٽر بورڊ،  ليفٽ بئنڪ ڪئنالز ايريا واٽر بورڊ جي نالي سان بدين ۾ 2001ع ۾ قائم ڪيو ويو.

ٽيون ايريا واٽر بورڊ ڪڏهن ۽ ڪٿي قائم ڪيو ويو؟

ٽيون ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي نالي سان گهوٽڪيءَ ۾ جنوري 2002ع ۾ قائم ڪيو ويو.

باقي ڪيترا ايريا واٽر بورڊ قائم ڪيا وڃڻا آهن؟

سنڌ ۾ چوڏهن مک ڪئنال آهن، جن مان چئن تي 3 ايريا واٽر بورڊ قائم ٿي چڪا آهن، باقي 10 ڪينالن تي ايريا واٽر بورڊ قائم ٿيڻا آهن.

ايريا واٽر بورڊن جا ڪم ۽ ذميواريون ڪهڙيون آهن؟

ايريا واٽر بورڊ جا ڪم ۽ ذميواريون جا ڪم ۽ ذميواريون مکي واهن ۽ شاخن جو انتظام هلائڻ ۽ انهن جي سارسنڀال ڪرڻ، سم جي پاڻيءَ جي نيڪال واري جو انتظام هلائڻ ۽ انهن جي نظرداري ڪرڻ، ٻوڏ کان بچاءَ واري ڍانچي (بچاءُ بند وغيره) جي سارسنڀال ڪرڻ، آبادگار تنظيمون ٺاهڻ ۽ انهن کي ترقي ڏيارڻ وغيرهه آهن.

ايريا واٽر بورڊ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟

ايريا واٽر بورڊ جي قانوني حيثيت هيءَ آهي، ته اهو  گڏيل يا ڪارپوريٽ ادارو هوندو، جيڪو مستقل حقداريءَ واري اصول تي ڪم ڪندو. هيءُ ادارو، انهيءَ نالي سان مقدمو داخل ڪري سگهندو ۽ مٿس به انهيءَ نالي سان مقدمو داخل ڪري سگهبو. اهو ڪاروباري معاملن ۾ خودمختيار هوندو.

ايريا واٽر بورڊ جا اثاثن وارا اختيار ڪهڙا آهن؟

ايريا واٽر بورڊ کي اثاثا مقاطعي تي ڏيڻ، ملڪيت حاصل ڪرڻ، پاڻ وٽ رکڻ ۽ ان کي نيڪال ڪرڻ جا اختيار هوندا، پر ان کي سرڪاري زمين پاڻ وٽ رکڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جا اختيار نه هوندا ۽ اهڙي زمين سرڪار لاءِ ٽرسٽ طور رکي ويندي.

ايريا واٽر بورڊ ۾ تقررين طريقيڪار ڪهڙو آهي؟

ايريا واٽر بورڊ جو ڊائريڪٽر ۽ بورڊ جا ميمبر باقاعدي اشتهار ڏئي ميرٽ تي مقرر ڪيا ويندا آهن. جيستائين ڊائريڪٽر جي مقرري نٿي ٿئي، تيستائين قائم مقام ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويندو آهي.

ايريا واٽر بورڊ جو بنيادي ڍانچو ڪيئن آهي؟

هر هڪ ايريا واٽر بورڊ هڪ بورڊ تي ٻڌل هوندو آهي، جنهن ۾ آبادگارن جا نمائندا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، آبادگارن کان سواءِ بورڊ ۾ لاڳاپيل ادارن جهڙوڪ زراعت، سماجي ترقي، ماليات، ڳوٺاڻي ترقي، آبپاشي ۽ سم جي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي وغيره جا مڃيل ماهر موجود هوندا آهن.

 ايريا واٽر بورڊ ۾ آبادگارن جو نمائندو ڪير هوندو آهي؟

ايريا واٽر بورڊ ۾ آبادگارن جو نمائندو،  چيئرمين ايريا واٽر بورڊ هوندو آهي، جيڪو آبادگارن جو چونڊيل هوندو.

ايريا واٽر بورڊ جي جوڙجڪ ڪيئن هوندي آهي؟

ايريا واٽر بورڊ جي جوڙجڪ ۾ چونڊيل غيرسرڪاري ۽ نامزد ڪيل ميمبر شامل آهن.

چونڊيل ميمبر ڪهڙا هوندا آهن؟

چونڊيل ميمبرن ۾ ننڍن آبادگارن مان چونڊيل هڪ ميمبر، پاڻي کڻندڙ پڇڙيءَ وارن آبادگارن مان چونڊيل هڪ ميمبر، واسطيدار ايريا واٽر بورڊ جي حد ۾ موجود آبادگار تنظيمن مان چونڊيل 2 ميمبر شامل آهن.

نامزد ڪيل ميمبر ڪهڙا هوندا آهن؟

نامزد ڪيل ميمبرن ۾  سيڊا جو هڪ ميمبر۽ مقامي ايوان زراعت جو هڪ ميمبر شامل هوندا آهن.

چونڊيل ۽ نامزد ڪيل ميمبرن پاران ڪانڊيل (دعوت ڏنل) ميمبر ڪهڙا هوندا آهن؟

اهڙن ميمبرن ۾، آبپاشي يا ٻئي لاڳاپيل شعبي جو پسمنظر رکندڙ  هڪ ميمبر، ايوان تجارت سان لاڳاپيل برک صنعتڪار هڪ ميمبر، ماحولياتي ماهر هڪ ميمبر۽ خودمختيار تعليمي ماهر هڪ مميبر شامل آهن.

ايرياواٽر بورڊ سان سيڊا ڪيئن سهڪار ڪندي آهي؟

ايريا واٽر بورڊ سان سيڊا سهڪار هڪ انتظامي بورڊ سهڪار وسيلي ڪندي آهي،  جيڪو ٻن جنرل مئنيجرن، جنرل مئنيجر آپريشن ۽ جنرل مئنيجرايڊمنسٽريشن اينڊ ڪسٽمر رليشن تي ٻڌل هوندو آهي، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو، جنرل مئنيجر آپريشن کي برانچ ڪئنالن بابت رپورٽ ڏيڻ جا ذميوار آهن.

آبپاشي سڌارن واري هن پروگرام جا ڏاڪا ڪهڙا آهن؟

آبپاشي سڌارن واري هن پروگرام جا ڪل ٽي ڏاڪا آهن، سيڊا، ايريا واٽر بورڊ ۽ آبادگار تنظيمون.

سيڊا ڪهڙيءَ سطح تي انتظام هلائي ٿي؟

آبپاشي ۽ سم جي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي جو پهريون ڏاڪو سنڌ ايريگيشن ائنڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) آهي، جيڪا سنڌو درياهه تي موجود بئراجن جي سطح تي انتظام هلائي ٿي ۽ ايريا واٽر بورڊن کي پاڻي ورهائي ڏئي ٿي.

ايريا واٽر بورڊ ڪهڙيءَ سطح تي انتظام هلائين ٿا؟

آبپاشي ۽ سم جي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي جو ايريا واٽر بورڊ ٻيو ڏاڪو آهن. جيڪي سنڌو درياهه تي موجود ڪئنالن جوانتظام هلائي ٿا ۽ ننڍين وڏين شاخن ۽ واهن کي پاڻي ورهائي ڏين ٿا.

آبادگار تنظيمون ڪهڙيءَ سطح تي انتظام هلائين ٿيون؟

ٽيون ڏاڪو آبادگار تنظيمون آهن، اهي شاخن جي سطح تي پاڻي ايريا واٽر بورڊن کان حاصل ڪري آبادگارن ۽ ٻين پاڻي واپرائيندڙ صارفين ۾ ورهائين ٿيون، اهي ايريا واٽر بورڊن کي ان پاڻيءَ جي ادائگي ڪن ٿيون ۽ آبادگارن کان فراهم ڪيل پاڻيءَ جي وصولي ڪن ٿيون.

 

 

آبادگار تنظيمون

(سوالن ۽ جوابن جي روشنيءَ ۾)

.

آبادگار تنظيمون (فارمرس آرگنائيزيشنس) ٺاهڻ جو سلسلو  ڪڏهن شروع ٿيو؟

آبادگار تنظيمون سڀ کان اڳ نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ ۾ سن 1995ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيون.

آبادگار تنظيمون (فارمرس آرگنائيزيشنس) ڪهڙي قانون هيٺ ڪم ڪري رهيون آهن؟

آبادگار تنظيمون سنڌ واٽر مئنجيمنيٽ آرڊيننس 2002ع جي قاعدن هيٺ ڪم ڪري رهيون آهن

آبادگار تنظيمون (فارمرس آرگنائيزيشنس) ڪهڙيءَ سطح تي ڪم ڪري رهيون آهن؟

شاخن تي آبادگار تنظيمون يا ايف اوز شاخن-مائينرن ۽ ڊسٽريبيوٽريز سطح تي ڪم ڪري رهيون آهن.

نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ ۾ ڪيتريون آبادگار تنظيمون ٺهيون آهن؟

نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ ۾ 162 آبادگار تنظيمون ٺهي چڪيون آهن.  

نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي ڪيترين آبادگار تنظيمن کي آبپاشي اختيار منتقل ڪيا ويا آهن؟

نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي 162 آبادگار تنظيمن کي شاخن جا انتظام منتقل ٿي چڪا آهن.

ليفٽ بئنڪ ڪئنالس ايريا واٽر بورڊ ۾ ڪيتريون آبادگار تنظيمون ٺهيون آهن؟

ليفٽ بئنڪ ڪئنالس ايريا واٽر بورڊ ۾ 93 ايف اوز ٺهيون چڪيون آهن.

ليفٽ بئنڪ ڪئنالس واٽر بورڊ جي ڪيترين آبادگار تنظيمن کي آبپاشي اختيار منتقل ڪيا ويا آهن؟

 ليفٽ بئنڪ ڪئنالس ايريا واٽر بورڊ جي93 ئي ايف اوز کي شاخن جو انتظام منتقل ٿي چڪو آهي.

گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ايريا واٽربورڊ  ۾ ڪيتريون آبادگار تنظيمون ٺهيون آهن؟

گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ايريا واٽربورڊ  ۾ 89 ايف اوز ٺهيون آهن.

گهوٽڪي فيڊر ڪئنال واٽر بورڊ جي ڪيترين آبادگار تنظيمن کي آبپاشي اختيار منتقل ڪيا ويا آهن؟

گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ايريا واٽربورڊ  جي 89 ئي ايف اوز کي شاخن جو انتظام منتقل ٿي چڪو آهي.

آبادگار تنظيمن جا جملي فرض ۽ ذميواريون ڪهڙيون آهن؟

آبادگار تنظيمون شاخن کي هلائين ٿيون ۽ انهن جي سار سنڀال لهن ٿيون،   پڇڙيءَ  وارن ۽ ننڍن آبادگارن ۾  پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بنائين ٿيون. شاخ جي حد ۾ سم واري گندي پاڻيءَ جي نظام جي سرشتي کي هلائين ۽ سڀنالين ٿيون.

شاخ جي حد ۾ ۾ ٻوڏ جي بچاءَ واري ڍانچي جي سارسنڀال ڪنهن جي ذميواري آهي؟

آبادگار تنظيم جي.

آبادگار تنظيم ميمبر تنظيمن کي ڪهڙيون سهولتون ڏئي ٿي؟

آبادگار تنظيم پنهنجي ميمبر تنظيمن "ڊبليو سي اي" ۽ "ڊي بي جي" کي ممڪن حد تائين وڌائي ٿي ۽ سهولتون ڏئي ٿي ۽"ڊبليو سي اي" ۽ ڊي بي جي" ڏانهن پنهنجا ڪم منتقل ڪري ٿي ۽ انهن جي فيصلن ۽ صلاحن تي عمل ڪري ٿي.

آبادگار تنظيم ۾ فيصلاسازيءَ جو طريقيڪار ڪهڙو آهي؟

آبادگار تنظيمن جي جنرل باڊي فيصلو ڪري سگهي ٿي ته اها "ڊبليو سي اي" يا "ڊي بي جي" پاران ڪيل ڪنهن فيصلي تي عمل نه ڪري، جيڪڏهن سندس ڪاروباري رٿا وٽ ايترا وسيلا موجود ناهن يا ٻي صورت ۾"ڊبليو سي اي" يا ڊي ي جي" جا فيصلا آبادگار تنظيم جا واٽر بورڊ جي سطح تي ناڪاري اثر ڇڏيندا. جيڪڏهن "ڊبليو سي اي" يا "ڊي بي جي" پاران ڪيل فيصلن تي آبادگار تنظيم فيصلي کان ٻن مهينن تائين عمل نه ٿي ڪري ته پوءِ "ڊبليوي سي اي" يا ڊي بي جي" جي اپيل تي اهو معاملو نگران اختياريءَ وٽ فيصلي لاءِ هليو ويندو.

آبادگار تنظيم جي داخلا ڪيئن ڪئي وڃي ٿي؟

آبادگار تنظيم، داخلا لاءِ درخواست ڏيندا، ان لاءِ شرط اهو هوندو ته آبادگار تنظيم جي حد جي ٻه ڀاڱي ٽي ايراضي پاڻي واپرائيندڙ ماڻهن واري تنظيم (واٽر ڪورس ايسوسيئيشن) جي دائري ۾ هوندي. داخلا لاءِ درخواست ۾ گهربل معلومات ڏني ويندي ۽ ان سان گڏ آبيانو ادا ڪندڙن جي رجسٽر جي تصديق ٿيل ڪاپي پڻ شامل ڪئي ويندي ۽ مروج هارو (ٽيننسي) قانون جي دائري اندر ايندڙ ليز تي ملڪيتون رکندڙ پڻ ان ۾ شامل هوندا. ايريا واٽر بورڊ يا سيڊا جو رايو ملڻ ۽ آبادگار تنظيم پاران گهربل شرط پورا ڪرڻ کان پوءِ آبادگار تنظيم کي داخلا ملندي.

آبادگار تنظيم اندر ميمبر سازي ڪيئن ٿئي ٿي؟

 آبادگار تنظيم اندر ميمبرسازي رڳو پاڻي واپرائيندڙن جي تنظيم (واٽر ڪورس ايسوسيئيشن) ۽ کاري پاڻيءَ جي نيڪال مان لاڀ وٺندڙ گروپ (ڊي بي جي ) لاءِ کليل هوندي، جيڪڏهن اهي آبادگار تنظيم جي حد ۾ واقع هوندا، آبادگار تنظيم، ڊبليو سي اي ۽ ڊي بي جي جنرل باڊي لاءِ هڪ نمائندو چونڊي موڪلينديون، جيڪڏهن ڊبليو سي اي ۽ ڊي بي جي وارين تنظيمن جو جملي تعداد 21 کان گهٽ ٿئي ٿو ته انهن مان هر هڪ تنظيم نمائندن جو برابر تعداد جنرل باڊي لاءِ موڪلينديون ته جيئن جملي 21 ميمبر ٿي سگهن، جنرل باڊي جو ڪوبه ميمبر پنهنجي هٿ سان لکت ذريعي استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو.

جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻين سڏائڻ جو طريقيڪار ڪهڙو آهي؟

جنرل باڊيءَ جي افتتاح لاءِ نگران اختياري، آبادگار تنظيم جي حد ۾ قائم ٿيل "ڊبيلوسي اي" ۽ ڊي بي جي" وارين تنظيمن کي اڳواٽ اطلاع ڏئي گهرائيندي آهي.

آبادگار تنظيم جا خاص ڪم:

پننجو ڪردار ۽ فرض ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ آبادگار تنظيم هيٺيان ڪم ڪندي:

آبادگار تنظيم ۾ سيڙپ وارا منصوبن ۽ رٿائن جو طريقيڪار ڪهڙو آهي؟

آبادگار تنظيم، آبپاشي پاڻيءَ جي ورڇ، کاري پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام هلائڻ ۽ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جي ڏس ۾، جنرل باڊيءَ پاران منظور ڪيل ڪمن جي رٿابندي ڪري ٿي ۽ انهن تي عمل ڪرائي ٿي. ان ڪم لاءِ ڪنسلٽنٽ، صلاحڪار ۽ ملازم اجرت تي حاصل ڪري سگهي ٿي يا انهن جي تقرري ڪري سگهي ٿي ان کان سواءِ طئه ٿيل شرطن تي هنگامي نوعيت وارا ڪم ڪرائي سگهي ٿي ۽ انهن جي تعميل ڪري سگهي ٿي.

آبادگار تنظيم ۾ ڪهڙو رڪارڊ رکيو وڃي ٿو؟

آبادگار تنظيم ۾ جملي رڪارڊ محفوظ رکيو وڃي ٿو. ضروري رجسٽر ۽ انگ اکر سنڀاليا وڃن ٿا. جهڙوڪ؛ ميمبرن جي سڌاريل تازي لسٽ، آبادگارن ۽ زميندارن جا انفرادي پاڻيءَ وارا حق ۽ ٻين ملڪيتن رکندڙن جا حق، جن ۾ هاري ۽ پاڻي جو غير زرعي استعمال ڪندڙ ماڻهو شامل آهن.

آبادگار تنظيم اندر، تنظيمي ضابطي رکڻ،  رهنمائي ڏيڻ ۽ روز مرهه جي معاملن هلائڻ جو طريقيڪار ڪيئن آهي؟

هڪ انتظامي بورڊ جنرل باڊيءَ جو مجموعي ضابطو هلائي ٿو ۽ ان جي رهنمائي ڪري ٿو ۽  آبادگار تنظيم جي روز مرهه جي معاملن جي سنڀال ڪري ٿو.

پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽي" (ڊبليو اي سي) ڪيئن قائم ٿئي ٿي ۽ ان کي ڪير هلائي ٿو؟

هر هڪ آبادگار تنظيم (ايف او) هڪ "پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽي" (ڊبليو اي سي) قائم ڪري ٿي ۽ ان کي هلائي ٿي.

پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽيءَ جي جوڙجڪ ڪيئن هوندي آهي؟

 پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽيءَ ۾ ايريا واٽر بورڊ جو  نمائندو، لاڳاپيل شاخ جي منڍ، وچ ۽ پڇڙيءَ مان هڪ، هڪ ميمبر۽ هڪ ميمبر ننڍو آبادگار، ڪل چار چونڊيل ميمبر، پاڻي استعمال ڪندڙن جو هڪ نمائندو، يونين ڪائونسل جو هڪ نمائندو شامل هوندا آهن.

ان کان سواءِ ڊبليو اي سي دعوت ڏئي اڻڌرين ماهرن کي صلاحڪار ميمبر ڪري سگهي ٿي، جن کي ووٽ جو حق نه هوندو.

پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽي، واٽرڪورسن ۽ غيرزرعي پاڻي استعمال ڪندڙن جي پاڻيءَ وارن حقن لاءِ ڪهڙو ڪم ڪري ٿي؟

پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽي، مختلف واٽرڪورسن ۽ غيرزرعي پاڻي استعمال ڪندڙن جي پاڻيءَ وارن حقن لاءِ هڪ سلسليوار بنياد قائم ڪري ٿي، جنهن جودارومدار ڊزائن سي سي اي، تاريخي وهڪري، حقيقي سي سي اي، پاڻيءَ جي حالتن ۽ خاص حالتن جهڙوڪ پيئڻ جي پاڻيءَ جي گهرجن تي هوندو آهي ۽ سوڪهڙي دوران پاڻيءَ جي حقن ۽ ورڇ جو خاص خيال رکي ٿي.

پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽي، پاڻي واپرائيندڙ ڪميٽي (ڊبليو سي اي جي پاڻيءَ جي حصي جو تعين ڪيئن ڪري ٿي؟

پاڻي واپرائيندڙ ڪميٽي (ڊبليو سي اي) جي پاڻي جو حصو، پاڻيءَ جي عام رواجي موجودگيءَ جي بنياد تي ۽ هفتيوار ناغي سان طئه ڪري ٿي، (ابتدائي طور ڊزائن وهڪري جي بنياد تي طئه ڪري ٿي، جنهن کان پوءِ پاڻيءَ واري نظام جي ڍانچي، تاريخ وهڪري ۽ مارڪيٽ جي اصولن واري مجبورين جي روشنيءَ ۾ پاڻيءَ جي حقن کي طئه ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون) ان سلسلي ۾ هڪ رجسٽر رکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پاڻيءَ جا اهڙا حق درج ٿيل هوندا.

پاڻيءَ جي حقن واري رجسٽر جي چڪاس ڪيئن ڪئي وڃي ٿي؟

پاڻيءَ جي حقن وارو رجسٽر مختلف وقتن تي چڪاسيو ويندو آهي، (گهٽ ۾ گهٽ هر موسم ۾ هڪ ڀيرو) ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو آهي ته رجسٽر کي صحيح طريقي سان، وقت به وقت ۽ سلسليوار سڌاريو ويو آهي.

ڊبليو سي اي وارين تنظيمن لاءِ پاڻيءَ جو تعين ڪيئن ڪيو ويندو آهي؟

هر موسم دوران، هفتيوار بنياد تي مختلف ڊبليو سي اي وارين تنظيمن لاءِ پاڻيءَ جو تعداد طئه ڪيو ويندو آهي ۽ ان لاءِ طئه ٿيل پاڻيءَ جي حقن کي يقيني بڻائبو آهي (جيڪڏهن ضروري هجي ته ڊزائن وهڪري کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي) موسم دوران اڳڪٿي ڪيل پاڻيءَ جي تعداد ۾ هر آبادگار تنظيم لاءِ خاص خيال رکيو ويندو.

جيڪڏهن رٿيل ۽ اڳڪٿي ڪيل پاڻيءَ ۾ فرق آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ ڪيئن ڪئي ويندي آهي؟

جيڪڏهن رٿيل ۽ اڳڪٿي ڪيل پاڻي ۾ فرق آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ، پاڻيءَ جي دستياب مقدار آهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽيءَ جا ڪهڙا ڪم آهن؟

پاڻي منظور ڪندڙ ڪميٽيءَ جي ٻين ڪمن ۾ صحيح جاين تان مناسب وقفي اندر پاڻيءَ جي وهڪري جي صحيح ماپن کي يقيني بڻائڻ، پاڻيءَ جي رٿيل وهڪري ۽ حقيقي وهڪري جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ ۽ فرق ظاهر ڪرڻ، پاڻيءَ جي ڀيٽ، ماهوار بنياد تي ڇپائي پڌري ڪري آبادگار تنظيم جي ميمبرن، پاڻي واپرائيندڙن جي ايسوسيئيشن ۽ پاڻي استعمال ڪندڙ ٻين ماڻهن کي مهيا ڪرڻ اهڙي نموني جيئن ڪميٽي ميمبر طئه ڪن، نهر (ننڍي شاخ) ڊبليو سي اي جي منڍ تي موجود پاڻي نظام واري ڍانچي جي سارسنڀال لهڻ لاءِ تعميراتي ڪم تجويز ڪرڻ ته جيئن گهرج پٽاندر، پاڻيءَ جي ورڇ کي ممڪن بڻائي سگهجي، پاڻيءَ جي مقدار بابت بحث مباحثي جي سلسلي ۾ گهڻ- جماعتي پليٽ فارم طور ڪم ڪرڻ، پاڻي استعمال ڪندڙن جون شڪايتون وصول ڪرڻ ۽ انهن جو اڀياس ڪرڻ، ضرورت هجي ته گڏجاڻيون ڪوٺائڻ، آبادگار تنظيم جي سطح تي دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي راين کان واقف ڪرڻ، ضروري هجي ته پاڻيءَ جي مقدار يا پاڻيءَ جي حقن تي ڳالهه ٻولهه ۽ ويچار ڪرڻ، برانچ سطح تي، ڊبليو اي سي سان گهري ڳانڍاپي ۾ رهي، گهرج پٽاندر ترجيحن ۾ تبديلين ۽ پاڻي استعمال ڪندڙ نون ماڻهن کي شامل ڪرڻ بابت ڳالهيون هلائڻ، سالياني گڏجاڻي ڪرڻ، جنهن۾ ڪميٽيءَ جي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ڪارروائي جا تفصيل آبادگار تنظيم جي سڀني ميمبرن کي مهيا ڪرڻ شامل آهن.

عوامي صلاحڪار ڪميٽي (سي اي سي) ڪيئن قائم ڪئي ويندي آهي؟

مقامي ماڻهن سان بهتر ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ جي مقصد لاءِ، جتي سندن ڪم جو دائرو آهي، آبادگار تنظيمون هڪ عوامي صلاڪار ڪميٽي (سي اي سي) قائم ڪري سگهن ٿيون.

آبادگار تنظيم جوڙڻ لاءِ سماجي تحرڪ جو عمل ڪيئن ڪيو  ويندو آهي؟

شاخ، مائينر ۽ ان جي سڀني واٽر ڪورسن جي حد م سماجي، معاشي ۽ فني ڄاڻ گڏ ڪئي ويندي آهي، شاخ جي هر واٽر ڪورس جي حد اندر ڳوٺن ۾ وڃي آبادگارن سان رابطو ڪيو ويندو آهي، ڳوٺن ۾ آبادگارن سان گڏجاڻيون ڪري ادارتي سڌارن بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي آهي  ۽ اعتماد بحال ڪيو ويندو آهي، آبادگارن کي گڏجاڻين ذريعي ڊرينيج بينيفشريز گروپ (ڊي بي جي) واٽر ڪورس ايسوسيئيشن (ڊي سي اي) ۽ آبادگار تنظيم جي جوڙجڪ، ذميوارين ۽ اهميت سمجهائي ويندي آهي.

سماجي تحرڪ کان پوءِ آبادگار تنظيم جوڙڻ لاءِ ڪهڙا مرحلا آهن؟

  1. تنظيم سازيءَ لاءِ آبادگارن کي آماده ڪري واٽر ڪورس سطح تي کاتيدارن، مقاطعيدارن جا واٽر ڪورس ايسوسيئيشن ميمبر شپ فارم ڀرن گهرجن.
  2. واٽر ڪورس ۾ گهٽ۾ گهٽ 67 سيڪڙو مرد توڙي عورت آبادگارن جي اهميت نسبت سان ميمبر شپ ڪجي جيئن واٽر ڪورس جي گهٽ ۾ گهٽ 67 سيڪڙو زرعي زمين جي نمائندگي حاصل ٿي سگهي.
  3. واٽر ڪورس ايسوسيئيشن جي سڀني ميمبرن جي جنرل باڊي ۾ واٽر ڪورس ايسوسيئيشن جي انتظامي بورڊ جي چونڊ ڪرائجي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ٽن ۽ وڌ ۾ وڌ پنجن نمائندن تي مشتمل هوندو، جن ۾ هڪ چيئرمين، هڪ سيڪريٽري ۽ هڪ خزانچي هوندو.
  4. هر واٽر ڪورس ايسوسيئيشن يا ڊي بي جي آبادگار تنظيم ۾ ميمبر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جيترا نمائندا اهڙي طرح نامزد ڪري آبادگار تنظيم جي جنرل باڊي ۾ موڪليندي، جيئن تنظيم جا جنرل باڊي ميمبر 21 کان گهٽ نه هجن.
  5. آبادگار تنظيم جي سڀني ميمبرن جي جنرل باڊي ۾ تنظيم (ايف او) جي انتظامي بورڊ جي چونڊ ڪئي ويندي.
  6. واٽر ڪورس ايسوسيئيشن توڙي آبادگار تنظيم جي انتظامي بورڊ جو هر نمائندو اڪثريتي ميمبرن جي حمايت جي بنياد تي چونڊيو ويندو.
  7. آبادگار تنظيم جو بئنڪ اڪائونٽ کولرائبو جنهن کي چيئرمين ۽ خزانچي گڏجي هلائيندا.

آبادگار تنظيم جي انتظامي بورڊ جي ڪنهن عهدي لاءِ چونڊ جو طريقيڪار ڪيئن هوندو آهي؟

ڪوبه اهڙو آبادگار انتظامي بورڊ ۾ شامل نه ٿي نه سگهندو: جنهن جي عمر 18 سالن کان گهٽ هجي، جنهن جو دماغي توازن صحيح نه هجي، جيڪو پاڪستان جو شهري نه هجي، جيڪو سرڪاري نوڪريءَ مان اخلاقي ڏوهه تحت ڪڍيو وو هجي، جيڪو ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو ڪورٽ پاران جاري ڪيل سزا ڪاٽي چڪو هجي ۽ سندس آزاديءَ کي اڃا پنج سال نه گذريا هجن، جيڪو وفاقي، صوبائي، لوڪل حڪومت يا ڪنهن مالياتي اداري جو ٽيڪس ڊفالٽر هجي يا مالياتي رهتون نه ڏيندو هجي، جيڪو متعلقه ڪمانڊ ايريا جو آبادگار نه هجي، انتظامي بورڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي نمائنده پوڇڙي مان چونڊيا ويندا، جن مان هڪ ننڍي ۾ ننڍو کاتيدار هوندو.

آبادگار تنظيم جي چونڊ لاءِ غيرجانبدار اليڪشن ڪميٽي ڪيرمقرر ڪندو آهي؟

تنظيم جي جنرل باڊي، هڪ غيرجانبدار اليڪشن ڪميٽي مقرر ڪندي آهي، جنهن ذميواري  اليڪشن ڪرائڻ آهي.

جنرل باڊيءَ جي مقرر ڪيل رٽرننگ آفيسر جي ذميواري ڪهڙي هوندي آهي؟

جنرل باڊيءَ جي مقرر ڪيل هڪ رٽرننگ آفيسر، ووٽرن جي لسٽ تيار ڪندو آهي ۽ اليڪشن جي اڳواڻي ڪندو آهي.

اليڪشن بابت نوٽيس جاري ڪرڻ جو طريقيڪار ڪيئن آهي؟

اليڪشن بابت لکت ۾ نوٽيس جاري ڪيو ويندو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 7 ڏينهن اڳ ميمبرن کي ڏنو ويندو آهي.

ان کان سواءِ چونڊ لاءِ ٻيا ضروري اُپاءَ ڪهڙا هوندا آهن؟

اليڪشن ڳجهي راءِ شماري ذريعي ڪرائي ويندي، اليڪشن جي ٽن ڏينهن اندر نتيجن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، ريگيوليٽري اٿارٽي، واسطيدار آبادگار تنظيم جي درخواست تي اليڪشن ڪرائي سگهي ٿي، آبادگار تنظيم پنهنجي چونڊ، سنڌ مينجمينٽ آرڊيننس 2002ع تحت منظور ڪيل قانون مطابق ڪندي آهي.

واٽر ڪورس ايسوسيئيشن ۽ ڊي بي جي جو انتظامي ڍانچو ڪيئن هوندو آهي؟

واٽر ڪورس ايسوسيئيشن ۽ ڊي بي جي جي انتظامي ڍانچي ۾ چيئرمين- ميمبر آبادگار، سيڪريٽري- ميمبر آبادگار،  خزانچي- ميمبر آبادگار، انتظامي ڪميٽي ميمبر نمبر 1،- ميمبر آبادگار، انتظامي ڪميٽي ميمبر نمبر 2،- ميمبر آبادگار، شامل هوندا آهن.

آبادگار تنظيم جو انتظامي ڍانچو ڪيئن هوندو آهي؟

آبادگار تنظيم جي انتظامي ڍانچي ۾ چيئرمين- ميمبر آبادگار، وائيس چيئرمين-ميمبر آبادگار،. سيڪريٽري- ميمبر آبادگار، خزانچي- ميمبر آبادگار، انتظامي ڪميٽي ميمبر نمبر 1،  - ميمبر آبادگار، انتظامي ڪميٽي ميمبر نمبر 2، - ميمبر آبادگار،. صلاحڪاري ڪميٽي- تجربيڪار سينئر اسٽاف ميمبر، ايڪس آفيشو ميمبر-تعلقي ناظم، جنهن تعلقي ۾ تنظيم جي وڌيڪ ايراضي هجي، سهڪاري ميبر- اريگيشن يا ڊرينيج جو فني ماهر شامل هوندا آهن.

 

 

آبيانو؛ اهميت ۽ دائرو

آبيانو ڇا آهي؟

حڪومت طرفان واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي پهچائڻ جي عيوض ورتل محصول کي آبيانو چئجي ٿو.

آبيانو ڏيڻ ڇو ضروري آهي؟

جيڪڏهن پاڻي استعمال ڪندڙ آبيانو نه ڏيندا ته آبپاشي نظام جي سار سنڀال ۽ مرمت جا ڪم بهتر نموني نه ٿي سگهندا ۽ ان جو نقصان پاڻي نه پهچڻ جي صورت ۾ پاڻي استعمال ڪندڙن کي ئي پهچندو. 

آبياني جي اوڳاڙيءَ جو اختيار ڪنهن کي آهي؟

آبيانو آبادگار تنظيم لاڳو ڪندي ۽ اوڳاڙيندي آهي پر جتي اها تنظيم نه هوندي، اتي ايريا بورڊ يا وري سيڊا آبيانو لاڳو ڪندي ۽ اوڳاڙيندي آهي.

آبيا نو ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿو؟

آبيانو هر ان پاڻي استعمال ڪندڙ تي لاڳو ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن شاخ يا واهه مان پاڻي، زرعي يا صنعتي مقصدن لاءِ کڻي استعمال ڪري ٿو.

آبياني جي پڙتال ۽ وصولي جو وقت ڪهڙو آهي؟

آبياني جي پڙتال ۽ وصولي سال ۾ 2 ڀيرا ربيع ۽ خريف جي موسم ۾ڪئي ويندي آهي.

خريف جي موسم ۾ جاچ پڙتال ۽ وصولي ڪهڙيءَ ريت ڪئي ويندي آهي؟

پهرين سيپٽمبر کان پڙتال شرع ڪئي وڃي ٿي ۽ 31 آڪٽوبر تائين ختم ڪئي وڃي ٿي. ايريا واٽر بورڊ ۽ روينيو کاتي پاران ٻيهر آبياني جي پڙتال 20 نومبر کان 30 نومبر تائين ڪئي ويندي. مني جمعبندي 15 ڊسمبر تائين ڪئي ويندي. جاچ پڙتال جي بلن کي تيار ڪري کاتيدارن کي 16 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين جاري ڪيا ويندا. بلن جي وصولي پهرين جنوري کان 31 جنوري تائين ڪئي ويندي. بي باڪي - رهتن جي وصولي 31 جنوري تائين ڪئي ويندي.

ربيع جي موسم ۾ جاچ پڙتال ۽ وصولي ڪهڙيءَ ريت ڪئي ويندي آهي؟

آبياني جي جاچ پڙتال شروع پهرين فيبروري کان ۽ ختم  28 فيبروري تائين ڪئي ويندي.ايريا واٽر بورڊ ۽ روينيو کاتي پاران ٻيهر آبياني جي پڙتال 25 مارچ کان 5 اپريل تائين ڪئي ويندي.

سيڊا جي آبياني ۾ پڙتال ۽ وصولي ۾ ذميواري ڪهڙي آهي؟

سيڊا طرفان جيئن مقرر ڪيو وڃي تيئن ايريا واٽر بورڊ ۽ ايف اوز جي حدن وارن علائقن کان ٻاهر آبپاشي، گندي پاڻي جي نيڪال جي سروس في/ آبيانو مقرر ڪري، اگهن يا سيس اوڳاڙڻ ۽ اهڙن اگهن ۽ سيس کي دير سان ادا ڪرڻ تي اضافي محسول/ ڏنڊ مقرر ڪري.

فارمرس آرگنائزيشن جو آبياني جي پڙتال ۽ وصولي ۾ ذميواري ڪهڙي آهي؟

آبادگار تنظيم اختيارن جي منتقلي جي سيزن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آبياني جي پڙتال ۽ وصول ڪرڻ جي ذميوار هوندي آهي، جنهن لاءِ آبادگار تنظيم جا ميمبر پاڻ پڙتال ۽ وصولي ڪندا آهن يا هڪ آبدار مقرر ڪندا آهن. آبياني جي پڙتال ۽ وصولي صحيح وقت تي ڪري 40 سيڪڙو پنهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪندا آهن ۽ 60 سيڪڙو ايريا واٽر بورڊ وٽ جمع ڪرائيندا آهن.

آبادگار تنظيم پاڻ وٽ جمع ڪيل 40 سيڪڙي کي ڪيئن ڪتب آڻيندي آهي؟

آبادگار تنظيم پاڻ وٽ جمع ڪيل 40 سيڪڙي مان شاخ جي مرمت ۽ سار سنڀال جا ڪم ڪرائيندي آهي.

آبادگار تنظيم جون آبياني جي اوڳاڙي ۽ رهتن ۾ ڪردار ڪهڙو آهي؟

 آبادگار تنظيم جي ذميواري آهي ته پاڻي جي نيڪال ۽ رسد حاصل ڪندڙن ۽ ٻين پاڻي استعمال ڪندڙن تي مقرر ڪيل ۽ منظور ڪيل آبيانو جمع ڪري ۽ دير سان ٿيندڙ ادائگين تي لاڳو ٿيندڙ سرچارج يا ڏنڊ وصول ڪري.

آبياني جي اوڳاڙيءَ ۾ ايريا واٽر بورڊ جي ذميواري ڪهڙي آهي؟

ايريا واٽر بورڊ، آرڊيننس 2002ع هيٺ بجا ايندڙ خدمتن جي بدلي آبيانو، محصول ۽ مسواڙ مقرر ڪري ٿو، اوڳاڙي ڪري ٿو، ۽ اهڙن محصولن ۽ مسواڙ جي دير سان ادائگيءَ تي قاعدي مطابق سرچارج حاصل ڪري ٿو، جيڪڏهن پاڻي استعمال ڪندڙ هڪ يا وڌيڪ ماڻهن طرفان جن آبادگار تنظيمن کي پئسن جي عدم ادائگي ٿئي ٿي، انهن کي آبپاشيءَ واري پاڻيءَ جي رسد گهٽتائي ڪري ٿو. 

واٽر ڪورس ايسوسيئيشن جي آبياني ۾ ڪهڙي ذميواري آهي؟

واٽر ڪورس ايسوسيئيشن جا ميمبر يا ان واٽر تان پاڻي حاصل ڪندڙ زميندار ۽ مقاطيدار جيڪو پاڻي حاصل ڪندا آهن، ان جو آبيانو ان واٽر ڪورس ايسوسيئيشن جي خزانچي وٽ جمع ٿيندو آهي. آبادگار تنظيم هر پوکائيءَ واري موسم ۾ جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي ڪري هر واٽر ڪورس ايسوسيئيشن کي آبياني جي جاچ پڙتال ڪرڻ جي درخواست ڪندي آهي ته هر واٽرڪورس ايسوسيئيشن ڪڙيا رجسٽر کي موڪلي، هر واٽرڪورس پنهنجي وارا بندي رجسٽر کي نظر ۾ رکي.