آپريشن ونگ

سيڊا جي آپريشن ونگ جو سربراهه جنرل مئنيجر آپريشنز آهي. اريگيشن، ڊرينيج ۽ ٻوڏ کان بچاءَ سان لاڳاپيل سڀ معاملا سندس ذميواريءَ جي دائري ۾ اچن ٿا. هيءَ ونگ، آبپاشي نظام کي جديد بنائڻ واسطي طئه ڪيل سيڙپڪاريءَ وارن ۽ ٻين مالي ڪمن جي نڀائڻ, اُڪلائڻ ۽ آبادگار تنظيمن ۽ ايريا واٽر بورڊن کي، اهڙي سيڙپ ۽ بحاليءَ جي ڪمن واري سرگرمي توڻي شراڪتي آبپاشي انتظام جي حوالي کان مدد ڏيڻ جي ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اميد ڪجي ٿي ته دير يا سوير، سڀ بئراج سيڊا ڏانهن منتقل ڪيا ويندا. آپرريشن ونگ بئراجن کي پڻ باضابطه ڪندي ۽ انهن جو انتظام هلائيندي. هن ونگ ۾ پيشيوراڻا عهدا موجود آهن، جن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انجنيئرنگ، ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اريگيشن ائنڊ فلڊ پروٽيڪشن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ انسپيڪٽر ورڪس شامل آهن