سيڊا جي انتظامي ونگ

سيڊا جي انتظامي ونگ جو سربراهه سيڪريٽري سيڊا آهي، جيڪو سهولتڪاري، رابطاڪاري ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري ٿو. وقت هلندي، اهو گهرج محسوس ڪئي ويئي ته سيڊا جي داخلي انتظام، دستاويزي درستگي ۽ انتظامي وهنوار کي سليقي سان هلائجي، انڪري، آفيس مئنيجر ۽ ٻئي گهربل اسٽاف کي متعارف ڪرايو ويو. هن ونگ جو ڪم ۽ ذميواري، مجموعي طرح، تنظيم جي ڪاروهنوار ۾ عمومي ۽ روزمرهه جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي. ان کان سواءِ، سيڊا اندر مدد لاءِ موجود/اسٽينڊ باءِ قانوني صلاحڪار جي گهرج محسوس ڪئي ويئي. ڪورٽ، قانوني ايڊوائيسز وغيره سميت سڀني قانوني مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ذميواري هن ونگ مٿان آهي.