ٽرانزيشن ونگ

سيڊا جي ٽرانزيشن ونگ جو سربراهه جنرل مئنيجر ٽرانزيشن آهي، جنهن ۾ ساڳي شعبي جا ماهر پيشيور ڪم ڪندڙ مدد ڪن ٿا. سيڊا جي ٽرانزيشن ونگ جي اسٽاف کي انگ توڻي معيار جي حساب کان مضبوط ڪيو ويو آهي. جنرل مئنيجر ٽرانزيشن جي ونگ ۾ سوشل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ، مئنيجر سوشل موبلائيزيشن، مئنيجر ڪميونيڪيشن، مئنيجر روينيو ۽ مئنيجر هيومن ريسورس ۽ ڊولپمينٽ ڪم ڪن ٿا. هيءَ ونگ آبپاشي نظام ۾ سڌارن ۾ جٽاداريءَ جي حڪمت عملي ۾ رهنمائي ڪري ٿي ۽ سيڊا جي ڪمن بابت ميڊيا. سول سوسائٽي، کي آگاهي ڏيڻ، آبادگار تنظيمن کي سگهارو بڻائڻ، انهن جي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ، آبياني جي اوڳاڙي ۾ ايريا واٽر بورڊن سان سهڪاري ڪردار پڻ ادا ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ آبادگار تنظيمن کي تربيتون ڏيارڻ جي معاملن جي اڳواڻي ۽ رهنمائي ڪري ٿي ۽ روينيو اوڳاڙي وغيره سان لاڳاپيل مڙني مسئلن کي ڏسي ٿي.