فنانس ونگ

سيڊا جي ماليات ونگ جو سربراهه جنرل مئنيجر ماليات يا فنانس آهي، جنهن جي ساڳيي شعبي جا ماهر پيشيور ڪم ڪندڙ مدد ڪن ٿا. سيڊا جي ماليات ونگ جي اسٽاف کي انگ توڻي معيار جي حساب کان مضبوط ڪيو ويو آهي. هيءَ ونگ مالياتي جٽاداريءَ جي سلسلي ۾ حڪمت عملي ۾ رهنمائي ڪري ٿي ۽ ماليات ۽ روينيو اوڳاڙي وغيره سان لاڳاپيل مڙني مسئلن کي ڏسي ٿي. مئنيجر ماليات، هيءَ ونگ ٻين ونگز کي هموار نموني هلڻ لاءِ فنڊن جي وهڪري جي ڏس ۾ سهولت فراهم ڪري ٿي. هيءَ ونگ بزنس پلان، بجيٽون، مالياتي قاعدا، صاف شفاف اڪائونٽنگ سسٽم وغيره جي سلسلي ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ درست نموني آڊٽ ڪرائڻ جو انتظام ڪري ٿي